سرڪاري نوڪرن جي هدايت جو قانون

سرڪاري نوڪرن جي هدايت جو قانون

سرڪاري نوڪرن جي هدايت جو قانون

سرڪاري نوڪرن جي هدايت جو قانون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب انگريز سرڪار پاران سرڪاري نوڪرن لاءِ جوڙيل قانون ۽ هدايتن تي مشتمل آهي، جيڪو تنهن وقت جي سرڪاري مترجم ايس. ايڇ. ڪوورنٽن (S.H.Covernton) سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جي فهرست ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن: ارٿ، تحفا، سرڪاري نوڪرن کي عزت ڏيڻ لاءِ عام جلسا، رسم جي اجلاس ۾ چونياريون وغيره ڏيڻ، ميڊيڪل عملدارن سان قانون 2 ۽ 3 جو لاڳو ٿيڻ، چندا، پئسا اڌارا ڏيڻ ۽ وٺڻ، گهر ۽ قيمتي ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ، غير متحرڪ ملڪيت رکڻ يا حاصل ڪرڻ، جيڪا غير متحرڪ ملڪيت سرڪاري نوڪرن کي قبضي ۾ هجي يا اهو حاصل ڪن تنهن تي اختيار رکڻ، غير متحرڪ ملڪيت کان سواءِ ٻي ملڪيت ۾ پئسا لڳائڻ، فائدي جي اميد تي پئسا هڪڙي ڪم مان ڪڍي ٻئي ڪم ۾ لڳائڻ، ڪمپنين جي ترقي ۽ انتظام، خانگي ڌنڌو ۽ ڪرت، ڏيوالپڻو ۽ دائمي قرض، سرڪاري دستاويزن جو مضمون يا خبر ڏيڻ، اخبارن سان لاڳو، سرڪار بنسبت راءِ زني ۽ ڌارين ملڪن جي ڪمن ڪارين بنسبت ڪا به حقيقت يا راءِ پڌري ڪرڻ، راڄنيتيءَ سان لاڳاپو رکندڙ تحرڪ ۽ جماعتون، سرڪاري نوڪر جي سرڪاري ڪمن ۽ چال بنسبت پڇاڻو. ڪتاب جو هيءُ چوٿون ڇاپو 1917ع ۾ ڪمشنر پرنٽنگ پريس، ڪراچي مان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز جي 35 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت چار آنا ٽي پايون ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو